غلام عمر عباسي شھيد

غلام عمر عباسي شھيد

غلام عمر عباسي شھيد

غلام عمر عباسي شھيد: فلائيٽ ليفٽيننٽ شھيد غلام عمر عباسيءَ جو جنم 14 آگسٽ 1936ع تي، منڇر ڪنڌيءَ جي ڳوٺ شاھه حسن، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ، جوهي ۽ دادوءَ مان حاصل ڪئي، جڏهن ته انٽر جو امتحان 1957ع ۾ سينٽ پيٽرڪ هائي اسڪول ڪراچي مان پاس ڪيو. 1958ع ۾ پاڪستان ايئر فورس ۾ جي ڊي پائلٽ جي طور شموليت اختيار ڪئي، جڏهن ته فوج جي ڪميشن 1960ع ۾ حاصل ڪئي. 1965ع جي جنگ ۾ مثالي ڪارنامن تي کيس ‘تمغه بصالت’ جو اعزاز حاصل ٿيو. 04 اپريل 1968ع تي، ملڪ کان ٻاهر جنگ ۾ حصو وٺندي شھيد ٿيو. سندس تدفين اباڻي ڳوٺ شاهه حسن ۾ ٿي. سندس خدمتن جي مڃتا طور دادو تاج محل سئنيما کان مڇي مارڪيٽ تائين روڊ شھيد عمر عباسيءَ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.08.14  عيسوي

فلائيٽ ليفٽيننٽ شھيد غلام عمر عباسيءَ جو جنم 14 آگسٽ 1936ع تي، منڇر ڪنڌيءَ جي ڳوٺ شاھه حسن، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.


1968.04.04  عيسوي

غلام عمر عباسي شھيد 04 اپريل 1968ع تي، ملڪ کان ٻاهر جنگ ۾ حصو وٺندي شھيد ٿيو. سندس تدفين اباڻي ڳوٺ شاهه حسن ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام کنگهار (ٻيو)
حسين شاهه فاضلاڻي
استاد عبدالرشيد خان
حافظ حبيب سنڌي
عبدالحليم غفاري علامه
چانڊيو سريمڻ
بشير مورياڻي
شفيق الزمان مخدوم
دهشلا راڻي
عبدالهادي سرهيو ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون